سنڌ حڪومت ۽ شهداءُ ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، شهداءُ ڪميٽي پاران هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت ۽ شهداءُ ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ شهداءُ ڪميٽي ڪراچي جي نمائش چورنگي تي هنيل ڌرڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو  آهي، سنڌ سرڪار ۽ شهداءُ ڪميٽي ۾ ٿيل 22 نقاطي  معاهدي تحت شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو ويندو ۽  ايپيڪس ڪميٽي جي نگراني ۾ شڪارپور  ضلعي ۾ رينجرز ۽ پوليس ذريعي آپريشن ڪرايو ويندو.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ۽ شهداءَ ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران22نقاطي معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو.

وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه ۽ شڪارپور سانحي جي شهداءَ ڪميٽي پريس ڪانفرنس دوران ڳالهين جي ڪاميابي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

وڏي وزير چيو ته شهداءَ ڪميٽي سان شڪارپور، ڀٽ شاهه ۽ ڪراچي ۾ ڳالهيون ٿيون، جيڪي ڪامياب ٿي ويون آهن.

وڏي وزير چيو ته شهداءَ ڪميٽي جا سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن ۽ مسئلا تشدد بدران ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن.

ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شهداءَ ڪميٽي ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو ويندو.

هن ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي ۾ ايپڪس ڪميٽي جي نگراني ۾ رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن ڪيو ويندو، مسجدن ۽ امام بارگاهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ عالمن کي هٿيارن جا لائيسنس ڏنا ويندا.

شرجيل ميمڻ چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي گروپن جي سرگرمين کي روڪڻ سميت سندن پوسٽر ۽ وال چاڪنگ هٽائي ويندي.

هن چيو ته شڪارپور جي هڪ چوڪ جو نالو شهداءَ چوڪ جي نالي سان رکيو ويندو.

ان موقعي تي شڪارپور سانحي جي شهداءَ ڪميٽي جي چيئرمين مقصود ڊومڪي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سندن لانگ مارچ حڪومت خلاف نه پر دهشتگردي خلاف هو.

هن چيو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ کين اميد آهي ته سندن مطالبن تي فوري طور عمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*