سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻٽي شهريت خلاف بل منظور ڪري ورتو

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻٽي شهريت خلاف بل منظور ڪري ورتو آهي، بل جي متن موجب، هٿياربند فوج، ججز ۽ سياستدانن سميت ڪو به ٻٽي شهريت نه رکندي سگهندو، ڪميٽي سپريم ڪورٽس ۽ هاءِ ڪورٽس جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ واري ترميمي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي  آهي.

اسلام آباد ۾ قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين ڪاظم خان جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ سينيٽر صغريٰ امام ٻٽي شهريت خلاف ترميم بل پيش ڪيو، جنهن جي ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته ٻٽي شهري رکندڙ ڪنهن به سرڪاري عهدي جي لاءِ اهل ناهن، جيڪڏهن پارليامينٽ ميمبر ٻٽي شهريت نٿا رکي سگهن ته ججز، هٿياربند فوج ۽ ڪنهن به منصب تي مقرر   ٿيلن کي به اهڙو حق ناهي.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر هئڻ گهرجي، هن بل تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.

اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله آرٽيڪل 2 سئو 47(7)۾ ترميم لاءِ ترميمي بل 2014 پيش ڪيو، جنهن کي به منظور ڪيو ويو.

بل جو مقصد سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جو دائدو فاٽا تائين وڌائڻ آهي ته جيئن اتان جي عوام انصاف فراهم ٿي سگهي ۽ انهن جو احساس محرومي ختم ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*