ضلعي جي سموري امام بارگاهن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي، ايس ايس پي سکر تنوير تنيو

ايس ايس پي سکر تنوير تنيو چيو آهي ته ضلعي جي سموري امام بارگاهن  کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پلين جوڙيو ويو آهي، پوليس ۽ امام بارگاهه جا نوجوان گڏجي امام بارگاهن  جي سڪيورٽي سنڀاليندا.

ايس ايس پي سکر تنوير تنيو ضلعي اندر شيعا اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي، ان دوران امام بارگاهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو.

ايس ايس پي سکر چيو ته سموري امام بارگاهن تي پوليس ۽ امام بارگاهه جا نوجوان گڏجي  سڪيورٽي سنڀاليندا، جنهن دوران هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو جي تلاشي ورتي ويندي.

ايس ايس پي تنوير تنيو وڌيڪ چيو ته امام بارگاهن جي سڪيورٽي سخت ڪندي نماز کان اڳ هر ايندڙ ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويندو، دهشتگردن کي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*