ڪوٽڙي ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران غير قانوني ترسيل 5 افغانين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

ڪوٽڙي ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران غير قانوني ترسيل 5 افغانين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته  پوليس خدا جي بستي ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب خورشيد ڪالوني ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران غير قانوني طور ترسيل 5 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار ٿيل  ۾ زاهد، شاهنواز، الياس، نور خان ۽ نظير خان شامل آهن، جن جي قبضي مان چار مائوذر، 2 ريپٽر ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي.

پوليس موجب خدا بستي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي دوران مقابلو ٿي پيو، جنهن جوابدار ڪالو عرف خان ملاح کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*