پاڪستان سڀ کان خطرناڪ نه پر سڀ کان بهادر ملڪ آهي بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت ئي پاڪستان جو اصل روح آهي، پاڪستان سڀ کان خطرناڪ نه پر سڀ کان بهادر ملڪن مان هڪ آهي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ بينظير ڀٽو جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”پاڪستانز واريئر پرسنز“ جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظلم آڏو جهڪي وڃڻ بهتر آپشن ناهي، پاڪستان سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جهڙا بهادر پيدا ڪيا.

هن چيو ته سموري دنيا ۾ جمهوريت کي چئلينجز درپيش آهن، جنهن جو ٽوڙ به جمهوريت ۾ ئي آهي، جمهوريت پاڪستان جو اصل روح آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نائين اليون تي امريڪا مٿان حملو ڪندڙ هجن يا تحريڪ طالبان پاڪستان، داعش يا لنڊن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد سندن انگ تمام گهٽ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد پنهنجي ايجنڊا لاءِ اسلام جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، سندن اسلام سان ڪو واسطو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*