سنڌ هاءِ ڪورٽ قائم علي شاهه جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي 20 ڏينهن اندر ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ جي هدايت، عدالت اليڪشن ٽربيونل کي به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شهاب سرڪي تي ٻڌل بئنچ قائم علي شاهه جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿيو.

قائم علي شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ڪراچي اليڪشن ٽربيونل جو سربراهه ڌر بڻجي ويو آهي ان مان انصاف جي اميد نه آهي، انڪري سندس خلاف داخل درخواست ٻئي ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪئي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر وڏي وزير جي درخواست رد ڪندي ساڳي ٽربيونل کي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد قائم علي شاهه جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي 20 ڏينهن اندر ٻيهر ٻڌڻي ڪري فيصلو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالت ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل کي به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*