اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ اڄ ٻي ڏينهن به جاري

اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ اڄ ٻي ڏينهن به جاري آهي، نامزدگي فارمن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 23 ۽ 24 فيبروري تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري آهي، پهرين ڏينهن 21 فارم رد ۽ 12 اميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم جي عورت اميدوار شمائله شهاب ۽ بِسمه عارف سميت نواز ليگ جي نرگس خان جي ڪاغذن تي ٽئڪس گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي اعتراض واريا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب منير خان اچڪزئي، آخونزاده چٽان، ادريس صافي، عبدالمالڪ وزير  سميت 21 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن.

اليڪشن  ڪميشن موجب رد ڪيل 21 فارمن جي اميدوارن ۽ منظور ڪيل 12 فارمن جي اميدوارن جو تعلق فاٽا سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*