سينيٽ ۾ بلوچستان جو ڀرپور آواز اٿارينداسين، سردار اختر مينگل

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسان اميد جي سياست شروع ڪئي آهي، جيڪا نتيجا ڏيندي.

ڪوئٽيا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته اسان کي حڪمرانن بدران الله مان اميد آهي، جيڪو انصاف جي ڏينهن جو مالڪ آهي.

سردار اختر مينگل جو اهو به چوڻ هو ته سينيٽ ۾ بلوچستان جو ڀرپور آواز اٿارينداسين.

هن چيو ته بلوچستان ۾ جمهوريت نه آهي، بلوچستان ۾ حق جو آواز اٿارڻ تي سندن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت کي اها به ڄاڻ نه آهي ته ڪير ناراض آهن، بلوچستان ۾ امن لاءِ ڪا حڪمت عملي طئي ناهي ڪئي وئي.

سردار اختر مينگل وڌيڪ چيو ته هتي ايڪشن پهريان ٿئي ٿو ۽ پلاننگ بعد ۾ ڪئي وڃي ٿي ، ٻين ملڪن ۾ پلاننگ کانپوءِ ايڪشن ڪيو ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*