پسني ۾ ايف سي ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا

پسني ۾ ايف سي ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا آهن.

ايف سي جو چوڻ آهي ته پسني ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

ايف سي موجب دهشتگردن ايف سي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد زخمي ٿي پيا، جيڪي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

ايف سي موجب زخمي حالت ۾ فرار ٿيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو هو، اهي پنهنجا هٿيار به ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*