اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پرويز مشرف جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس ۾ جوابدار جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 27 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇو نه پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جـَي جج سهيل اڪرم اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف ججز نظر بندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار  ڪندي چيو ته جوابدار پرويز مشرف جو  وڪيل  ڇو پيش ناهي ٿيو.

عدالت، ريمارڪس ڏنا ته ڏيڍ سال کان هيءَ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي پر بحث ناهي ٿي سگهيو، هر ٻڌڻي تي مختلف بهانا استعمال ڪيا پيا وڃن.

عدالت، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو نه جوابدار پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پرويز مشرف جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*