نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي نائين ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي نائين ميچ م ڪيوي ٽيم جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي جي خطرناڪ بالنگ ۽ برينڊن ميڪيولم جي بهترين بيٽنگ سبب ميزبان ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ کيڏي ويل پول اي جي ميچ ۾ انگلش ٽيم جي ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿيو.

انگلش بيٽنگ ڪيوي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي جي بالنگ آڏي بيوس نظر آئي ۽ پوري ٽيم 33 ڏهائي 2 اوورس ۾ صرف 123رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

انگلينڊ جي ٽيم پاران جوءِ روٽ 46، معين علي 20، ڪپتان اين مورگن 17۽بالانس 10 جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا، جڏهن ته ٻيو ڪو به بيٽسمين ڊبل فگر ۾ نه پهچي سگهيو.

ٽم سائوٿي 9 اوورس ۾ 33 رنز ڏئي 7 وڪيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ، ملائن ۽ ڊينيئل وٽوري هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ جي  ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 124رنز جو ٽارگيٽ 12 ڏهائي 2 اوورس ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪپتان برينڊن ميڪيولم اهم ڪردار ادا ڪيو،جن 25 بالن تي 77 رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ 8 چونڪا ۽7 ڇڪا شامل هئا.

برينڊن ميڪيولم ورلڊڪپ جي تيزترين ففٽي 18 بالن تي اسڪور ڪري پنهنجو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، بريندن ميڪيولم 2007 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪئنڊا خلاف 20 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*