لاهور هاءِ ڪورٽ منهاج القرآن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ وارو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي منهاج القرآن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ وارو نوٽيس 8 اپريل تائين معطل ڪندي پنجاب حڪومت کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ منهاج القرآن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

منهاج القرآن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته انڪم ٽيڪس پاران طاهر القادري لاءِ خريد ڪيل بلٽ پروف گاڏي ۽ ڪنٽينر لاءِ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جو ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ منهاج القرآن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهاج القرآن اسٽيٽ ويلفيئر ٽرسٽ آهي ۽ ادارو تعليم لاءِ ڪم ڪري پيو، ان ڪري ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي.

ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کان جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي.

عدالت، پنجاب حڪومت کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هاءِ ڪورٽ، ايندڙ ٻڌڻي تائين منهاج القرآن جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ وارو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*