اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، اپر پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، لاهور ۾ وسڪاري سبب 88 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي منقطع ٿي وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران راولا ڪوٽ ۾ 39 ملي ميٽر، سيالڪوٽ ۾ 38 ملي ميٽر، راولپنڊي ۽ چڪلاله ۾ 36 ملي ميٽر، ڪوٽلي ۾ 34، اسلام آباد ۽ گولڙه ۾ 28 ملي ميٽر، مري ۾ 24، گجرانوالا ۾ 23، چڪوال ۾ 22، پارا چنار ۽ منگلا ۾ 19، فيصل آباد ۾ 14، چراٽ ۽ ڪالام ۾ 13، مظفر آباد ۾ 12، دير ۽ بالا ڪوٽ ۾ 11 ۽ لاهور ۾ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي 6 ملي ميٽر برسات پئي.

موسميات کاتي موجب انهن علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين برسات جو وسڪارو ٿي سگهي ٿو.

لاهور ۾ وسڪاري سبب بجلي جا 88 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي جو بريڪ ڊائون آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي منقطع آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*