ڊيرا بگٽي ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڊيرا بگٽي ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڊيرا بگٽي پوليس بم ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بم ڌماڪو ڊيرا بگٽي جي پاڪستان چوڪ وٽ ٿيو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چيو پيو وڃي ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس سان ڪيو ويو، پوليس موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن طبيعت سڌرندڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*