ڪراچي جي بلوچ ڪالوني مان 4 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل شاگرد کي باهه ڏئي اختر ڪالوني ۾ ڦٽو ڪيو ويو

ڪراچي جي بلوچ ڪالوني مان 4 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل شاگرد کي باهه ڏئي اختر ڪالوني ۾ ڦٽو ڪيو ويو، شاگرد جي کيسي مان پابندي مڙهيل تنظيم جو خط ملڻ بعد واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

رات دير سان اڻڄاتل جوابدارن اقراءِ يونيورسٽي جي نوجوان شاگرد حارث کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد اختر ڪالوني ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.

باهه سبب نوجوان جو 36 سيڪڙو جسم سڙي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان کي سول اسپتال جي برنس وارڊ  داخل ڪرايو، جتي شاگرد جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

ايس ايس پي ڏکڻ  طارق ڌريجو جو چوڻ آهي ته شاگرد جي کيسي مان پابندي مڙهيل تنظيم جو خط مليو آهي، جنهن ۾ آپريشن نه ڪرڻ جون ڌمڪيون لکيل آهن.

ايس ايس پي موجب، شاگرد کي باهه ڏئي ساڙڻ عشق جو معاملو به ٿي سگهي ٿو، معاملي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*