پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ذوالفقار مرزا وچ ۾ اختلاف وڌي ويا، مرزا پنهنجي پٽ کي لنڊن سڏائي ورتو

پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ذوالفقار مرزا وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن، ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ کي  لنڊن سڏائي ورتو، جنهن  کانپوءِ حسنين مرزا ڪراچي کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

ذوالفقار مرازا پاران آصف زرداري ۽ ٻي پارٽي قيادت خلاف الزام لڳائڻ کانپوءِ 2 ڏينهن سندس سي اي سي جي ميمبر شپ ختم ڪئي وئي هئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ذوالفقار مرزا کان لاتعلقي به ظاهر ڪري چڪي آهي.

ذوالفقار مرزا جا پارٽي قيادت سان اختلاف وڌي وڃڻ کانپوءِ هن پنهنجي پٽ حسنين مرزا کي لنڊن سڏائي ورتو آهي، جيڪو پيءُ سان ملڻ لاءِ ڪراچي کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*