پرويز مشرف ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت

ڪوئٽيا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 ڊسمبر تي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي جي موقعي تي جيڪڏهن جوابدار پرويز مشرف پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي.

ڪوئٽيا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدار پرويز مشرف جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي وڪيل پيش ٿي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته پرويز مشرف بيمار آهي، تنهنڪري کيس حاضري کان آجو قرار ڏنو وڃي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي واضح ڪيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي پرويز مشرف پاڻ پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*