پاڪستان جي ڪا به ٻيڙي ڀارت ۾ تباهه ناهي ٿي، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

پاڪستان، ڀارت  ۾ ٻيڙيَ جي تباهي واري خبرن کي رد ڪندي ڀارتي ميڊيا جو هٿ ٺوڪيو ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي ڪا به ٻيڙي تباهي ناهي ٿي، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد آيو ته آجيان ڪئي ويندي، افغانستان ۾ امن لاءِ سهولتڪار وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتي وار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته  پاڪستان، ڀارت سان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڀارت پاران ٻيڙي کي ساڙڻ وارو نئون ڊرامو سامهون آيو آهي پر پاڪستان جي ڪا به ٻيڙي تباهه ناهي ٿي، ان حوالي سان ڀارت ميڊيا پاران هٿ ٺوڪيو ڊرامو رچايو ويو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت، پاڪستان کي هن وقت تائين سمجهوتا ايڪسپريس سانحي جي جاچ بابت آگاهه ناهي ڪيو.

تسنيم اسلم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽرين ۾ ڳالهين جي تاريخ طئي ناهي ٿي، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد آيو ته ساڻس آجيان ڪئي ويندي ۽ ڳالهين دوران سمورا معاملا اٿاريا ويندا.

پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ اهم آهي، پاڪستان ڪابل جي حالتن ۾ بهتري لاءِ سهولتڪار وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته  افغانستان سان لاڳاپن ۾ بهتري جا خواهشمند آهيون، افغان مفاهمتي عمل ۾ به معاونت ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*