يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جا مغوي پٽ افغانستان ۾ دهشتگردن وٽ قيد آهن، شجاع خانزاده

پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده انڪشاف ڪيو آهي ته يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جا مغوي پٽ افغانستان ۾ دهشتگردن وٽ قيد آهن، ٻنهي جي بازيابي لاءِ آرمي چيف افغانستان جو دورو ڪيو آهي، جلد کين بازياب ڪرايو ويندو.

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر علي شير گورچاڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پ پ جي هڪ ميمبر اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي مغوي پٽن علي حيدر گيلاني ۽ شهباز تاثير جي اغوا وارو معاملو اٿاريو.

پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده چيو ته علي حيدر گيلاني ۽ شهباز تاثير کي دهشتگردن افغانستان ۾ قيد رکيو آهي، جن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف به افغانستان جي دوري دوران ٻنهي مغوين جي آزادي جو معاملو افغان اختيارين آڏو اٿاري چڪو آهي، اميد آهي ته جلد مغوين جي بازيابي عمل ۾ ايندي.

شجاع خانزاده چيو ته اغوا جون وارداتون رڳو پنجاب نه پر ٻين صوبن ۾ به ٿي رهيون آهن، صوبي اندر سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو انگ 3 هزار آهي، جن ۾ واڌ ڪئي ويندي.

ايوان ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن پگهارون وڌائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي اسپيڪر کين خاطري ڪرائي ته معاملو حل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*