رينجرز پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن سميت 58 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

رينجرز پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران ٻن دهشتگردن ۽ 6 بدنام ڌاڙيلن سميت 58 ڏوهارين کي گرفتار ڪري وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  وئي آهي.

شهباز رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر ڪرنل عبدالغفار سکر ۾ پريس ڪانرنس ڪندي چيو ته رينجز سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 40 کان وڌيڪ ڪارروائن دوران 58 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي جن وٽان، جي ٿري، هينڊ گرنيڊ سميت وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ميرپورماٿيلو کان ڪراچي ويندڙ هڪ ڪوچ تي ڇاپو هڻي پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن هشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪرنل عبدالغفار جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيل جوابدار ڪراچي کان دبئي فرار ٿيڻا هئا، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

ڪرنل عبدالغفار جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن ۾ لکين رپيا انعام رکيل 6  بدنام ڌاڙيل به شامل آهن، جن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا.

ڪرنل عبدالغفار جو وڌيڪ چوڻ هو ته رينجرز ڪارروائن ۾  آءِ جي بشير ميمڻ جي سئوٽ آصف ميمڻ جي اغوا ۾ ملوث هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*