سنڌ مان نڪرندڙ گيس ٻين صوبن تائين پهچي ٿي پر مقامي ماڻهو اهڙي سهولت کان محروم آهن، صوبائي وزير نثار کهڙو

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس مڪاني نظام جي ترميم واري بل تي بحث سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، واهپيدارن جي حقن وارو بل ۽ ٺل شهر کي گئس جي فراهمي وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته فنڊز جي درست استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽي ايم اوز کي ڊي سيز جي مرضي کانسواءِ فنڊز استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير سڪندر منڌري واهپيدارن جي حقن بابت تحفظ وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بل تي بحث ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي ٺل شهر کي گئس جي فراهمي وارو ٺهراءَ پيش ڪيو ، جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءَ تي ڳالهائيندي صوبائي وزير نثارکهڙي چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻين صوبن تائين پهچي ٿي پر مقامي ماڻهو اهڙي سهولت کان محروم آهن.

اجلاس دوران ڌيان ڇڪايل نوٽيس تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽنڊو ڄام ٽول پلازه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺهيو آهي ۽ مقامي ماڻهن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ لاءِ ڪمپني سان ڳالهيون هلندڙ آهن.

هن چيو ته ٽنڊي ڄام ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي ٽيڪس جي ڇوٽ وارا ٽوڪن تمام جلد ڏنا ويندا پر ڪمرشل گاڏين کان ٽيڪس لازمي اوڳاڙيو ويندو.

اجلاس دوران متحده ايم پي اي ڪامران اختر ڪراچي جي مختلف اسڪولن ۾ سيڪيورٽي نه هئڻ بابت ڌيان ڇڪايو، نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طالبان جا حامي موجود آهن، جماعت اسلامي به انهن جي حامي آهي، انڪري جماعت اسلامي تي به پابندي مڙهي وڃي.

اجلاس دوران پ پ ايم پي اي ستار راڄپر نوشهروفيروز جي ورڪس اينڊ سروسز جي ايس ڊي او خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي جيڪا ڪميٽي حوالي پيش ڪئي وئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته فنڊس جي درست استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽي ايم اوز کي ڊي سيز جي مرضي کانسواءِ فنڊس استعمال نه ڪرڻ هدايت ڪئي آهي.

اجلاس دوران نوازليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو دادو ۾ پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر پاران اجازت نه ڏيڻ تي نوازليگ ۽ ف ليگ ميمبرن اٿي بيهي احتجاج ڪيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*