سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي وزيراعظم نواز شريف خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، وزيراعظم نواز شريف خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي وزيرن جي غير حاضري بابت خط لکيو ويو پر هن وقت تائين جواب داخل ناهي ڪرايو ويو.

 سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي وزيراعظم نواز شريف پاران وزيرن جي غير حاضري بابت لکيل خط جو جواب نه اچڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي وئي آهي.

رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڻي ۽ بجلي وارو وزير، مملڪتي وزير ۽ سيڪريٽري مسلسل اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪري رهيا آهن، جنهن بعد وزيراعظم کي خط لکيو ويو هو.

ڪميٽي رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم خط لکڻ باوجود نه ئي نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي خط جو جواب ڏنو ويو آهي.

ڪميٽي موجب، وزيرن ۽ سيڪريٽرين پاران اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان استحقاق مجروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته کين تفصيلن بابت به آگاهي نٿي ملي، ان ڪري رٿ تي بحث ڪرايو وڃي.

واضح رهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽي، وزيرن جي مسلسل غير حاضري تي وزيراعظم کي خط لکيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*