چلي جي ٻيلن کي باهه وڪوڙي ورتو، جنهن کي وسائڻ لاءِ فائر فائيٽرز کي الرٽ جاري ڪيو ويو

چلي جي ٻيلن کي باهه وڪوڙي ورتو آهي جنهن کي وسائڻ لاءِ فائرفائيٽرز کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

چلي جي ڏکڻ بايو بايو ۽ اروڪانيه وارن علائقن ۾ ٻيلن کي باهه وڪوڙي وئي آهي جنهن ۾ 4 هزار ايڪڙن تائين بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فائرفائٽرز باهه کي وسائڻ ۾ مصروف آهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

علائقي جي ميئر پاران باهه جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،باهه سبب بايو بايو جا ڪجهه گهر ۽ هڪ گهر به متاثر ٿيو آهي.

اروڪانيه واسين جو چوڻ آهي ته باهه تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ کين ڳڻتي آهي ته هاڻي باهه سندن گهرن کي نه وڪوڙي.

علائقي واسين حڪومتي عملدارن کان تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*