ڪارساز سانحي جي شهيدن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ جيالن پاران فاتحه پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي

asifa-and-bakhtawar-in-kara

ڪارساز سانحي جي شهيدن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ جيالن پاران فاتحه پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻين بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ سانحي جي شهيدن جي يادگار تي گل ڇٽي دعا گهري آهي.

پ پ چيئرمين جي ڀينرن ۽ اڳوڻي صدر جي نياڻين بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري ڪارساز پهچي سانحي جي شهيدن جي ياد تي گل ڇٽيا ۽ دعا گهري.

انموقعي تي شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻين چيو ته شهيدن جو خون ضايع ناهي ٿيندو،  ضرور سانحي جا ذميوار قانوني جي ڪٽهڙي ۾ ايندا، جنهن سان متاثرن کي انصاف ملندو.

Comments

  1. U B Jogi
    U B Jogi 18 October, 2017, 18:12

    Khudara Sindhi Media Ta Dharel Culture Khatam Kayo

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*