بالي ووڊ اسٽار نانا پاٽيڪر پنهنجي ايندڙ نئين فلم جي مشهوري مهم ۾ حصو ورتو، فلم 27 فيبروري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

بالي ووڊ اسٽار نانا پاٽيڪر ۽ گل پناگ جي نئين فلم ”اب تڪ ڇپن ٽو“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهن.

”اب تڪ ڇپن ٽو“ ممبئي جي سب انسپيڪٽر ديا نائڪ جي حقيقي ڪهاڻي تي گهمي ٿي، جنهن 80 ڏوهارين کي مارڻ جي ڪري شهرت ماڻي هئي.

10 سالن کانپوءِ ان فلم جو سيڪوئل ٺاهيو ويو آهي، فلم ۾ ديا نائڪ جو ڪردار ساڌو آگاشي نڀايو آهي.

ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران اداڪار نانا پاٽيڪر ۽ گل پناگ فلم جي مشهوري مهم ۾ حصو ورتو.

نانا پاٽيڪر جو چوڻ هو ته کيس فلم جي شوٽنگ دوران گهڻو مزو آيو ۽ هو سڀني کي اپيل ڪري ٿو ته اهي فلم ڏسن ۽ ٻين کي به چون ته فلم ڏسن کڻي اها هجي يا خراب پر جيترا گهڻا ماڻهو فلم ڏسندا ايتريون گهڻيون فلمون ٺهنديون.

گل پناگ جو چوڻ هو ته کيس پڪ آهي ته اب تڪ ڇپن کانپوءِ ان جو سيڪوئل به ڪامياب ٿيندو.

اب تڪ ڇپن ٽو 27 فيبروري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*