پنهنجي پٽ بابت صحيح خبر ناهي ته هو پاڪستان ۾ آهي يا افغانستان، يوسف رضا گيلاني

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته کيس پنهنجي پٽ بابت صحيح خبر نه آهي ته هو پاڪستان ۾ آهي يا افغانستان ۾؟

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته کيس ڪا به خبر نه آهي ته سندس پٽ ڪٿي آهي؟

هن چيو ته جيستائين سندس پٽ گهر نه ٿو وري تيستائين هو اطمينان سان نه ٿو ويهي سگهي.

يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته افغان صدر جي پاڪستان جي دوري وقت پيپلز پارٽي جي وفد جي ساڻس ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ سندس پٽ جي بازيابي جي حوالي سان ساڻس ڳالهيون ٿيون هيون.

هن چيو ته کيس اميد آهي ته سندس پٽ جلد بازياب ٿي ساڻن ملندو.

ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو اغوا ٿئي ٿيو آهي پر اڃا تائين سندس بازيابي جي حوالي سان اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*