پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر اتحاد خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي سڏ تي بدين ۽ ڪوٽڙي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

پ پ ۽ ايم ڪيوايم ۾ ٻيهر اتحاد ٿيڻ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي سڏ تي بدين ۽ ڪوٽڙي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪوٽڙي ۾ امداد پنهور، مختيار عباسي، ساجد قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري المدينه چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

بدين ۾ خادم ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شهر جو گشت ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ايم ڪيو ايم کي هڪ دفعو ٻيهر حڪومت ۾ شامل ڪري سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.

هنن چيو ته ايم ڪيو ايم 12 مئي واقعي ۾ ملوث آهي، متحده سان اتحاد ڪرڻ بعد سنڌ سرڪار جي پت واکي ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*