پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

لاهور جي فيروز پور روڊ تي ٻن مسافر ويگنن سميت 4گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 مسافر ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

رضاڪارن ۽ شهرين پهچي فوت ٿي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

ٻي طرف ڦاليا جي ريگ واري علائقي ۾ تيز رفتار وين واهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رضاڪارن زخمين کي ڦاليا اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد روانو ڪيو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب، گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب کاهي ۾ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*