ٺارو شاه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ٺارو شاهه ويجهو چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڀريا لنڪ روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي ويو، جنهنجي نتيجي ۾ 6 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ٺارو شاهه جي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان عظيم سولنگي ۽ حبدار ساند جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين نوشهروفيروز جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*