اسحاق ڊار عمران خان کي ڪو به خط ناهي لکيو، پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري

پـِي ٽـِي آءِ، اسحاق ڊار پاران عمران خان کي خط لکڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، شيرين مزاري چيو آهي ته وفاقي وزير عمران کي ڪو به خط ناهي لکيو.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري چيو ته اسحاق ڊار چئي چـڪو آهي ته هن پنهنجي ٻارڙن کي 40 ڪروڙ رپيا قرض طور ادا ڪيا، ان بابت سموريون حقيقتون رڪارڊ جو حصو آهن.

هن چيو ته پنهنجي بيان جي ترديد بابت اسحاق ڊار عمران خان کي ڪو به خط ناهي لکيو، اسحاق ڊار پنهنجي بيان تي قائم ناهي رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*