بلديه ٽائون سانحي جي ڪيس کان ڌار ٿي چڪي آهيان، شازيه هنجراهه

ڪراچي جي عدالت بلديه ٽائون سانحي جي جاچ آفيسر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سميت سندس خلاف توهين عدالت جا  نوٽيس ۽  سندس پگهار بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، پبلڪ پراسڪيوٽر شازيه هَنجره به ڪيس کان ڌار ٿيڻ بابت عدالت کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج اولهه جي عدالت بلديه ٽائون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي هلائي ته جاچ آفيسر ۽ فئڪٽري مالڪ عدالت ۾ پيش نه ٿيا.

عدالت جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سميت سندس خلاف توهين عدالت جا  نوٽيس ۽  سندس پگهار بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

فئڪٽري مالڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندن اصيل بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا آهن.

بلديا سانحي بابت پبلڪ پراسيڪيوٽر شازيه هنجراهه عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هو ڪيس کان ڌار ٿي چڪي آهي ۽ ڪيس جي وڌيڪ پيروي نٿي ڪري سگهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ڪارروائي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*