سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين ۽ ٻين پرڏيهين خلاف ڪارروائي جاري، ڪيترن ئي پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو

سنڌ ۾ غير قانوني  طور ترسيل افغانين ۽ ٻين پرڏيهين خلاف ڪارروائي جاري، ڪراچي ،  ڪوٽڙي ، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي مان ڪيترن ئي  پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويوآهي.

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 11 افغا نين کي گرفتار ڪيو، جن کي پريڊي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.

شڪارپور ۾ دهشتگردي واري واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي افغانين کي گرفتار ڪيو آهي.

جيڪب آباد پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف ٿاڻن جي پوليس  غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري هيل تائين 10 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ به پوليس ڪارروائي ڪري 7 افغانين کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوٽڙي پوليس غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري هيل تائين 65 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ افغاني ۽ وزيرستان واسي شامل آهن.

ڪوٽڙي ۾  غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف شهري سراپا احجتاج بڻيل آهن، جن جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ  عملدارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*