اسلام آباد ۾ عورت گهمڻ لاءِ نه وٺي وڃڻ تي مڙس ۽ ٽن ٻارڙن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ۾ عورت گهمڻ لاءِ نه وٺي وڃڻ تي مڙس ۽ ٽن ٻارڙن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

آبپاره ٿاڻي جي حد سيڪٽر جـِي سـِڪـَس واري علائقي ۾ هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جي لاشن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو، جتي  مارجي ويلن جي سڃاڻپ عورت ڪوثر شاهده سندس مڙس محمد فاروق خٽڪ، ٻارڙيون راحيلا، عـِزا ۽ راڻي طور ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب، ٻارڙي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، علائقي واسين به تصديق ڪئي آهي ته گهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ به جهيڙو ٿيو هو.

آءِ جي اسلام واقعي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي ۾ بچي ويل ٻارڙي ٻڌايو آهي ته عورت ڪوثر شاهده جو مڙس سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هن فائرنگ ڪري پنهنجي ٽن ٻارڙن ۽ مڙس کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو.

 آءِ جي اسلام آباد چيو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*