ايندڙ نسلن کي بهتر پاڪستان ڏيڻ لاءِ هڪ ارب وڻ لڳائڻ گهرون ٿا، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته غير قانوني طور تي هڪ سئو ارب رپين جا وڻ ڪٽيا ويا، ايندڙ نسلن کي بهتر پاڪستان ڏيڻ لاءِ هڪ ارب وڻ لڳائڻ گهرون ٿا.

هريپور ۾ وڻ پوکڻ واري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان چيو ته هڪ ارب وڌيڪ وڻ پوکڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، هر ٻار کي هڪ وڻ پوکڻو پوندو، تڏهن وڃي ٽارگيٽ پورو ٿيندو.

هن چيو ته ٽمبر مافيا خلاف ڪارراوئيون جاري آهن ۽ کين فري هينڊ نه ڏبو.

هن چيو ته ٽمبر جي چوري ۾ اعليٰ سطح جون ڌريون ملوث آهن پر ڪارروائي ۾ اهو امتياز نه رکيو ويندو ته ڪهڙي ڌر ڪيتري طاقتور آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*