دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڪرا ڳوٺ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ شاهد 6 جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چڪرا ڳوٺ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ شاهد، ڪامران ماڌوري سميت 6 جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چڪرا ڳوٺ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ڪيس جي هڪ شاهد صاحب خان، جوابدار ڪامران ماڌوري، طفيل، شاهجهان، ظفر ۽ شاهزيب سميت 6 جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن جو چوڻ هو ته هن 6 ئي جوابدارن کي گوليون هلائيندي ڏٺو هو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيل ڪيس جي شاهدن کان آڏي پڇا ڪندا.

چڪرا ڳوٺ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 5 شهري مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*