لبيا ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا ،ڪيترائي زخمي

لبيا ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽن بم ڌماڪن ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

لبيا جي شهر بن غازي ۾ هڪٻئي پٺيان ٽي بم ڌماڪا ٿيا، جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڌماڪن بعد سڪيورٽي فورسز پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.

2011ع ۾ ڪرنل قذافي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ لبيا ۾ مختلف گروپن ۾ اقتدار تي ويڙهه جاري آهي، جنهن دوران داعش جي دهشتگردن به لبيا کي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ورتو آهي.

تازو داعش پاران 21 مصري عيسائين کي ذبح ڪري ان جي ويڊيو جاري ڪئي  هئي، جنهن بعد مصر جي هوائي فوج داعش جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*