بلديه سانحي جي ايمانداري سان جاچ ڪري واقعي جي ذميوارن کي فيڪٽري آڏو سرعام ٽنگيو وڃي، الطاف حسين

ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان بلديه سانحي جي جاچ فوجي آفيسرن کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو  آهي ته ملوث جوابدارن کي فيڪٽري آڏو خاص چوڪ قائم ڪري ٽنگيو وڃي.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ متحده سربراهه الطاف حسين چيو  ته بلديه سانحي ۾ 250 کان وڌيڪ پورهيت سڙي فوت ٿيا.

هن چيو ته بلديه سانحي جي اڄ تائين ذميوار ۽ ايمانداري نموني سان جاچ ناهي ٿي سگهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف شفاف جاچ لاءِ ٽن فوجي آفيسرن تي ڪاميٽي جوڙي.

الطاف حسين وڌيڪ چيو ته بلديه سانحي جي ايمانداري سان جاچ ڪري واقعي جي ذميوارن کي فيڪٽري آڏو  خاص چوڪ ڪري سرعام ٽنگيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*