پاڪستان عوامي تحريڪ پارٽي جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا

پاڪستان عوامي تحريڪ پارٽي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ جمع ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته سندن ڪُل ملڪيت 15 لک رپين کان گهٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ پاران چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي ٽي نشان اليڪشن ڪميشن کي ڏنا ويا، اُهي رد ڪيا ويا آهن.

پاڪستان عوامي تحريڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ پارٽي اثاثن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته پارٽي جا ڪُل اثاثا 14 لک 50 هزار 513 رپيا آهن.

پاڪستان عوامي تحريڪ پاران چونڊ نشان جي الاٽمينٽ لاءِ به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ پي اي ٽي هاڪي، ستارو يا ٽريڪٽر جي گهُر ڪئي هئي، جنهن کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*