ڪراچي ۾ ڏوهن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ گهٽتائي آئي آهي، غلام قادر ٿيٻو

سنڌ جي گهرو سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي قاضي ايپيڪس ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردي جا 85 ڪيسز فوجي عدالتن کي اماڻيا پيا وڃن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ڪئمپس قائم ڪري افغان پناهگيرن کي انهن تائين محدود ڪيو ويندو.

گهرو سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن جون ڪئمپس شهرن کان ٻاهر منتقل ڪيون وينديون ۽ سمورن پناهگيرن کي ڪيمپس تائين محدود رکيو ويندو.

افغان پناهگيرن بابت ڪمشنر غضنفر آغا اجلاس کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ موجود افغانين جي واپسي لاءِ 2015 جي 31 ڊسمبر آخري تاريخ مقرر ٿيل آهي، جنهن تي سندن واپسي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جاري آهي، هيل تائين 52 لک مان 68 هزار افغانين جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي.

غضنفر آغا ٻڌايو ته افغان پناهگيرن کي شهرن کان ٻاهر ڪئمپس تائين محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ سرڪار ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ڪئمپس لاءِ زمين ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.

اجلاس بعد ميڊِيا سان ڳالهائيندي گهرو سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي جا 85 ڪيسز فوجي عدالتن کي اماڻيا ويا آهن.

هن چيو ته پوليس ۾ مداخلت ڪنهن هڪ صوبي جو مسئلو ناهي، سنڌ ۾ پوليس اندر مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي.

گهرو سيڪريٽري مثال ڏيندي ٻڌايو ته وڏي وزير جي ضلعي ۾ ايس پي جي مقرري به آءِ جي سنڌ ڪئي آهي.

ان موقعي تي اي آءِ جي سنڌ غلام قادر ٿيٻي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڏوهن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جون واردارتون ختم ٿي چڪيون آهن.

هن چيو ته گلشن اقبال جي اسڪول تي دستي بم حملو ۽ شاگرد حارث کي اغوا ڪري ساڙڻ وارا واقعا دهشتگردي ناهن، اهڙا واقعا پابندي مڙهيل تنظيمن جي نالي تي ڊراما ڪيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*