ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پاڻ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو هاڻي ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، نثار کهڙو

سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پاڻ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو هاڻ ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، عذير بلوچ جي ڏيهه واپسي جو مطالبو ڪري ڪوبه ڏوهه ناهي ڪيو .

حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم جي صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو آهي، پر وفاقي سرڪار ان پلان تحت اڃا تائين  ادار جوڙي ناهي سگهي.

هن چيو ته عذير بلوچ پاڪستاني پاسپورٽ هئڻ باوجود ايراني پاسپورٽ تي پرڏيهه ويو سندس ڏيهه واپسي جو مطالبوڪري ڪو ڏوهه  ناهي ڪيو، ذوالفقار مرزا سميت ڪنهن کي به ان تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.

صوبائي وزير  وڌيڪ چيو جي آءِ ٽيز جون رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون ويون آهن،ان ۾ ڪابه ڳالهه لڪل ناهي، لياري ۾ آپريشن تي پ پ اعتراض نه ڪيو، شهر ۾ هلندڙ آپريشن تي ڪنهن به جماعت جي ماڻهو کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب  ۾ هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن جي بنا مقابلي چونڊجڻ سٺوعمل آهي ان سان اسيمبلي جي ميمبرز تي ڪرپشن جا الزام نه لڳندا.

تعلم جي صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته تعليم کاتي ۾ تدريسي، انتظامي ۽ مالي ڍانچو  الڳ ڪيو ويو آهي.

هن چيوته يوپي يونين جي مدد تعليم کاتي ۾ 2 هزار مانيٽر مقرر ڪري کين جديد اوزار ڏنا ويندا.

ان کان اڳ صوبائي وزيرتعليم نثار کهڙو لياقت يونيورسٽي ۾ ٻارڙن بابت رٿيل سمينار ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*