لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پوليس جي برطرف اهلڪارن پاران بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پوليس جي برطرف اهلڪارن پاران بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غلام عباس لاشاري ۽ دودو جتوئي جي اڳواڻي ۾ برطرف ٿيل اهلڪارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ اهلڪارن چيو ته پوليس کاتي ۾ چار سالن تائين ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود اسان کي بيگناهه برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته سنڌ سروس ٽربيونل پاران بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ باوجود اسان کي بحال نه ٿو ڪيو وڃي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي بحال ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

Comments

  1. Shahid
    Shahid 26 October, 2017, 23:53

    ارڙهن سئو ملازمن کي 5 سالن کانپوءِ برطرف ڪندڙ هن شهبازشريف جي جاڙي ڀاءُ کي شرم اچڻ گهرجي ۽ اگر جي ڪو حياءُ زري اٿس ت کين بحال ڪري، سنڌي نوجوانن کي خودڪشيون ڪرائي پاڻ کي سلطان راهي سڏائيندڙکي ٻڏي مرڻ کپي…

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*