آمريڪا ۾ ڦوڪڻا ڇڏڻ واري رسم جي ريهرسل ڪئي وئي

آمريڪي اسٽورز ميسيز پاران سالياني پريڊ جون تياريون زور شور سان جاري آهن، پريڊ جي موقعي تي هوا ۾ ڦوڪڻا ڇڏڻ واري رسم جي ريهرسل ڪئي وئي، جنهن سان آسمان رنگ برنگي ڦوڪڻ سان جرڪي پيو.

آمريڪي شهر ڊيٽرائيٽ ۾ ميسيز اسٽورز پاران هر سال پنهنجي گراهڪن جا ٿورا مڃڻ لاءِ هر سال جنهن کي فلاڊيفيا ۾ ٿيندڙ پريڊ کانپوءِ ٻيو نمبر وڏي تقريب سمجهيو ويندو آهي.

ڦوڪڻن کي هوا ۾ ڇڏڻ واري پريڊ جي خاص رسم سمجهي ويندي آهي، جنهن جي ريهرسل لاءِ ڦوڪڻا ڇڏيا ويا، جنهن دوران ننڍن وڏن ۽ مختلف رنگن وارن ڦوڪڻن آسمان کي جرڪائي ڇڏيو.

ان موقعي تي انتظاميا جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو آهي جو هنن اداري جي پائيلٽس ذريعي ڦوڪڻا ڇڏيا ويا آهن، اميد ته پريڊ سندن گراهڪن کي پسند ايندي.

هن سال ڊيٽرائيٽ ۾ ”ٿَينڪس گِوِنگ پرَيڊ“ 27 نومبر تي ٿي رهي آهي، جيڪا مختلف آمريڪي ٽي وي چئنلز تان لائيو ڏيکاري ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*