ترڪي چين کان زمين کان فضا تائين مار ڪندڙ لانگ رينج وارو ميزائل سسٽم خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ترڪي چين کان زمين کان فضا تائين مار ڪندڙ لانگ رينج وارو ميزائل سسٽم خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ترڪي جي اڳوڻي انٽيليجنس يونٽ جي چيف پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ترڪي کي آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي مقابلي ۾چين جي ميزائل سسٽم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

ان اهڙو بيان ترڪي جي بچاءُ واري وزير جي اعلان بعد ڪيو.

گذريل هفتي ترڪي جي بچاءُ واري وزير اعلان ڪيو هو ته ترڪي چين کان لانگ رينج ميزائل سسٽم خريدڻ جومنصوبو ڪري رهيو آهي ۽ اهو سسٽم نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.

انهيءَ سلسلي ۾ شروعاتي معاهدا آمريڪا ۽ نيٽو جي دٻاءُ سبب دير جو شڪار به ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*