آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ دهشتگردن پاران پيادل ماڻهن تي گاڏي چاڙهي فائرنگ ڪرڻ دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي

US-Truck-Accident-11117

آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ دهشتگردن پاران پيادل ماڻهن تي گاڏي چاڙهي فائرنگ ڪرڻ دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو  آهي.

نيويارڪ ۾ دهشتگردن پاران پيادل ماڻهن تي گاڏي چاڙهي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

نيويارڪ سانحي بعد هٿياربندن جي فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو.

پوليس موجب، مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، ڪيترن ئي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

نيويارڪ پوليس موجب، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد  عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو.

ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت مختلف اڳواڻن پاران نيويارڪ واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*