وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي

Ogra-rate-Nov-11117

وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي ، پيٽرول، 2 رپيا 49 پئسا، ڊيزل 5 رپيا 19 پئسا، گاسليٽ ۽ هاءِ اسپيڊ 5 رپيا 19 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو، اگهه اڄ کان وٺي لاڳو  ٿي ويندا.

وفاقي سرڪار اوگرا پاران موڪليل سمري تي صحيح ڪندي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن موجب پيٽرول 2 رپيا 49 پئسا واڌ سان 75 رپيا 99 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

اگهن ۾ واڌ بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل 84 رپيا 59 پئسا في ليٽر ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 19 پئسا ۽لائيٽ ڊيزل 3 رپيا في ليٽر مهانگو ٿي ويو آه، لائيٽ ڊيزل جون نئون اگهه 49 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

گاسليٽ جي اگهه ۾ 5 رپيا 19 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ جو في ليٽر 53 رپيا، 19 پئسا ٿي ويو آهي.

وفاقي سرڪار پاران پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*