سنڌ هائيڪورٽ چائينا ڪٽنگ ڪيس ۾ لاينز ايرا ري ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طاهر جميل جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-31517

سنڌ هائيڪورٽ چائينا ڪٽنگ ڪيس ۾ لاينز ايرا ري ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طاهر جميل جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ لائنز ايريا ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

وڪيل پاران لاينز ايرا ري ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طاهر جميل جي ضمانت جي درخواست  جمع ڪرائي وئي.

نيب پراسيڪيوٽر الطاف خان چيو ته جوابدار ۽ سندس ساٿين تي لائنز ايريا ۾ هزار گز پلاٽ چائنا ڪٽنگ ڪري وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب چيو ته جوابدارن قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي، جوابدارن تي پروجيڪٽ ۾ 227 پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ جو به الزام آهي.

عدالت لائنز ايريا ري ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طاهر جميل جي ضمانت کي رد ڪندي چيو ته جوابدار خلاف پڪا ثبوت موجود آهن، ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون.

واضح رهي ته چئنا ڪٽنگ ڪيس ۾ شامل جوابدارن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فريد نسيم، شاهد عمر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر عطا عباس ۽ راشد نسيم ۽ ٻيا شامل آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*