اسحاق ڊار ملڪيت بابت اليڪشن ڪميشن کي سڀ ڪجهه لکت ۾ ڏنو آهي، شرجيل ميمڻ کي ڪراچي ۾ رينجرز ذريعي گرفتار ڪيو ويو, وفاقي وزير دانيال عزيز

Daniyal-Aziz-11117

وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي اسحاق ڊار ملڪيت بابت اليڪشن ڪميشن کي سڀ ڪجهه لکت ۾ ڏنو آهي، شرجيل ميمڻ کي ڪراچي ۾ رينجرز ذريعي گرفتار ڪيو ويو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته شرجيل ميمڻ کي ڪراچي مان رينجرز ذريعي گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته نيب جنهن ريت ماڻهن کي گرفتار ڪري پئي، سمجهه کان ٻاهر آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته جنهن اقامي تي نوازشريف کي ڪڍيو ويو، قانون جي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ئي نه آهي.

وفاقي وزير چيو ته هڪ اشتهاري کي نوازشريف جي نااهلي تي جلسي جي اجازت ڏني وئي.

دانيال عزيز چيو ته جنهن خلاف ڪارروائي ڪرڻي هوندي، ان خلاف ڪارروائي ٿي ويندي آهي.

وفاقي وزير چيو ته  رپورٽ ۾ اسحاق ڊار جي جيڪا ملڪيت ظاهر ڪئي وئي آهي، اها 20 سال اڳ وڪرو ٿي چڪي آهي.

دانيال عزيز چيو ته اسحاق ڊار سموري ملڪيت بابت اليڪشن ڪميشن ۾  لکت ۾ ڏنو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*