اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڄ لنڊن کان اسلام آباد پهچي رهيو آهي

Nawaz-Sharif-11117

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڄ لنڊن کان اسلام آباد پهچي رهيو آهي، نوازشريف سڀاڻي ڏيهه پهچڻ بعد جمعي ڏينهن احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڄ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 786 ذريعي لنڊن کان اسلام آباد رهيو آهي.

نوازشريف خميس ڏهاڙي اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ 3 نومبر تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو.

نوازشريف پنهنجي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب هئڻ سبب لنڊن ويو هو.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف گذريل ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*