قائداعظم يونيورسٽي اسلام اڄ کلي وئي، پر ڪا به بس شاگردن کي کڻڻ لاءِ نه پهتي، پوليس جو وڏو انگ به يونيورسٽي ٻاهران مقرر ڪيو ويو آهي

Quaid-Azam-university-Islamabad-11117

قائداعظم يونيورسٽي اسلام  اڄ کلي وئي، پر ڪا به بس شاگردن کي کڻڻ لاءِ نه پهتي، پوليس جو وڏو انگ به يونيورسٽي ٻاهران مقرر ڪيو ويو آهي.

قائداعظم اسلام آباد يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، جنهن سبب يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل بند ٿي ويو هو.

يونيورسٽي انتظاميا موجب، يونيورسٽي کي اڄ کوليو ويو آهي، جڏهن ته تدريسي عمل به شروع ڪيو ويو آهي.

يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شاگردن جو صرف هڪ ڌڙو احتجاج ڪري رهيو آهي.

ٻئي طرف شاگردن پاران  ريسٽيڪيٽ ٿيل شاگردن جي بحالي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*