سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورڪمانڊر حملي ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جندالله جي امير۽ ٻين جوابدارن کي کي آگاهي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Sindh-high-Court-19417

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورڪمانڊر حملي ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جندالله جي امير۽ ٻين جوابدارن کي کي آگاهي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪور ڪمانڊر ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي دهستگردن جي سزا خلاف اپيل تي  ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم جي امير عطا الرحمان جو وڪيل ايم آر سيد فوت ٿي چڪو آهي، جنهن تي جج چيو ته جيڪڏهن وڪيل فوت ٿي چڪو آهي ته پوءِ ڇا جوابدارن جي پروٽيڪشن جا آرڊر جاري ڪيا وڃن.

محمد فاروق ايڊووڪيٽ چيو ته جوابدار انتهائي خطرناڪ آهن، جيل انتظاميا انهن کي عدالت ۾ پيش نه ٿي ڪري سگهي.

عدالت ڪور ڪمانڊر حملي ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي امير سميت ٻين کي آگاهي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ڪور ڪمانڊر حملي ڪيس ۾ گرفتار 11 دهشتگردن کي حيدرآباد مان پيش نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري کي شو ڪاز نوٽيس به جاري ڪري چڪي آهي.

واضح رهي ته حراست ۾ ورتل دهشتگردن ۾ عطاءُ الرحمان  عرف ابراهيم، شهزاد باجوه، يعقوب، عذير احمد، شعيب  صديقي، دانش، نجيب الله، خرم سيف الله، شهزاد مختيار ۽ ٻيا شامل آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*